SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اُتر آمريڪي آزاد واپاري مُعاهدو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اُتر آمريڪي آزاد واپاري مُعاهدو

North American Free Trade Agreement NAFTA

نارٿ امريڪن فري ٽريڊ اگريمينٽ

آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو وچ ۾ 1991ع کان 1993ع تائين هليل ڳالهين ۾ طئي ٿيل معاهدو، جيڪو 1- جنوري 1994ع تي عمل ۾ آيو. هن معاهدي جا بُنياد ان کان اڳ 1 جنوري 1989ع ۾ آمريڪا ۽ ڪئناڊا وچ ۾ موجود آزاد واپاري ٺاهه (Accord) تي بيٺل آهن. ان ۾ ميڪسيڪو جي شموليت به ساڳين شرطن تي ٿيل آهي. هن معاهدي تحت ميڪسيڪو ۾ ٺهندڙ 80 سيڪڙو شيون آمريڪا موڪليون وينديون آهن، جن کي خريدڻ کان انڪار ٻنهي ملڪن جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هڻي سگهي ٿو. تنهنڪري هاڻي ميسڪيڪو جي سياسي قيادت لاءِ NAFTA جو ٻيو مطلب ، سندس مُلڪ جي ترقي ۽ سلامتيءَ جي آمريڪا طرفان ڏنل خاطريءَ جو واعدو آهي. هن ٺاهه جي ڪري 1840ع کان آمريڪين طرفان مسلسل جاري ميڪسيڪو جي واپاري استحصال جو خاتمو آيو ۽ سندس مال کي قانوني تحفظ مليو. ڪئناڊا، جيڪو ان کان اڳ ڪئناڊا ۽ آمريڪي آزاد واپار جي ٻه- رُڪني معاهدي ( CAFTA ) جو حصو هُئو، تنهن آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ هلندڙ (جون 1990ع) مُذڪرات ۾ شامل ٿي، ان کي ٽه-ڌُريو بڻايو. سياسي طور ڪئناڊا گهڻي قدر آمريڪا جي ٽيڪ تي هلي ٿو، تنهنڪري ٻيو ڪو رستو نه هئڻ ڪري هميشه آمريڪا سان واپاري ناتن کي اهميت ڏيندو آهي. هن ٺاهه جي آمريڪا ۾ روزگار ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل تنظيمن سخت مخالفت ڪئي. ساڳئي وقت ٻيون لاطيني آمريڪي رياستون به هن معاهدي بابت ناپسنديدگيءَ ظاهر ڪري چُڪيون آهن.


Remember Me Also:

زينت بخشڻ

رونق ڏيڻ ، سينگارڻ. سوڀيا ڏيڻ ، سونهن ڏيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal